ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ميڊيڪل، نرسنگ ۽ استادن جي تعليم سان گڏوگڏ صحت جي سارسنڀال جي شعبن ۾ پنهنجي شاندار ڪارڪردگيءَ لاءِ مشهور آغا خان يونيورسٽي پنهنجي فيڪلٽي آف آرٽس اينڊ سائنسز (FAS) جي شروعات سان گڏ پنهنجي تعليمي منظرنامي کي هٿي وٺرائي آهي.
اهڙو موقعي يونيورسٽي جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ڪري ٿو جنهن سان شاگردن لاءِ چونڊ ڪرڻ جا کوڙ آپشنز موجود آهن جن ۾ ايشيائي ۽ مڊل ايسٽرن اسٽڊيز، سوشل ڊولپمينٽ اسٽڊيز، فلسفو، سياست، اقتصاديات، انساني ۽ ماحولياتي حياتيات جا مضمون شامل آهن.
ايف اي ايس انڊر گريجوئيٽ پروگرام جي شروعات ڪينيا ۾ دوائن ۽ نرسنگ ۾ AKU جي نئين متعارف ٿيل انڊر گريجوئيٽ پروگرامن سان سلهاڙيل آهي جنهن سان AKU جي تعليمي پورٽ فوليو ۾ هڪ وڏي تبديلي ظاهر ٿئي ٿي، اهو پروگرام اعليٰ اداري جي حيثيت سان پنهنجي موقف کي مضبوط ڪري ٿو جيڪو انڊر گريجوئيٽ ۽ گريجوئيٽ پروگرامن جي لاءِ اهم اڳڀرائي آهي.
نئين فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر اسٽيفن ليون FAS جي ويزن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ”هارورڊ، يلي، وليمس ۽ ايمهرسٽ جهڙن معزز ادارن مان متاثر ٿي، اسان جو مقصد آهي ته هڪ گهڻ-ڊسپلينري سکيا جي تجربي کي هٿي وٺرائجي. گريجوئيٽ گھڻ رخي ڪيريئر، فعال شهريت، ۽ بامقصد زندگين لاءِ تيار آهن.
اهڙي ڪوشش نوجوان شاگردن کي بهتر ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، جيڪي فعال طور تي اسان جي قوم جي روشن مستقبل لاءِ ڪردار ادا ڪن ٿا. ان کانسواءِ فيڪلٽي سول سوسائٽي ۽ پيشه وراڻي نيٽ ورڪن تي هاڪاري اثر پيدا ڪرڻ لاءِ سول ۽ اخلاقي قيادت جو ماحول پيدا ڪرڻ ۽ ٽيم ورڪ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.
اي ڪي يو جي تعليمي خدمتن جي مجموعي ۾ ميڊيڪل ڪاليج، اسڪول آف نرسنگ ۽ مڊ وائفري، امتحاني بورڊ، ۽ انسٽيٽيوٽ فار ايجوڪيشنل ڊولپمينٽ شامل آهن. جن ۾ ايف اي ايس جو واڌارو يونيورسٽي جي تعليمي متحرڪ ۾ هڪ خوشگوار تبديلي ۽ ملڪ جي معياري تعليمي لاٽ جي حيثيت ۾ ان جو ڪردار ثابت ڪري ٿو.