واٽس ايپ طرفان مخالف ايپس سان مقابلي لاءِ هر مهيني نت نوان فيچر متعارف ڪرايا ويندا آهن، هاڻي ميٽا جي ملڪيت ڪمپني طرفان هڪ ٻيو دلچسپ فيچر جو اضافو ٿيڻ وارو آهي.
ميسجنگ ايپ جي اَپ ڊيٽ تي نظر رکندڙ ويب بيٽا انفو موجب، اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ ايپ جي بيٽا ورجن ۾ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو يوو آهي.
ان فيچر ذريعي واهپيدار وڊيو ڪالز دوران پنهنجا ٿري ڊي اواتار استعمال ڪري سگهندا.
واضح رهي ته ميٽا ايپس جهڙوڪ واٽس ايپ، فيسبوڪ ۽ انسٽاگرام ۾ ڊجيٽل اواتار وارو فيچر ڊگهي عرصي کان موجود آهي ۽ هاڻي ميسجنگ ايپ لاءِ به ان کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.
رپورٽ موجب جڏهن واهپيدار پنهنجا اواتار وڊيو ڪال لاءِ استعمال ڪندا ته نئون فيچر چهري جي حرڪت ۽ تاثرن جي رئيل ٽائيم ۾ نقل ڪندو آهي.
واهپيدار وڊيو ڪال دوران اِهو فيچر ٽرن آف به ڪري سگهن ٿا.
بيٽا ورجن استعمال ڪرڻ وارن جن واهپيدارن کي اِهو فيچر دستياب آهي انهن جي آڏو وڊيو ڪال دوران آپشن نظر ايندو ۽ ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ سوئچ ٽو اواتار تي ڪلڪ ڪرڻو هوندو آهي.