سنڌ مليريا جي نشاني تي، 24 ڪلاڪن ۾ پوڻا 6 سئو ڪيس رپورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مليريا جي ڪيسن ۾ وڏي پئماني تي واڌ ٿي آهي.
صوبائي صحت کاتي جي ترجمان موجب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مليريا جا 586 ڪيس رپورٽ ٿيا.
صحت کاتي ٻڌايو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ مليريا جا 287، لاڙڪاڻي ۾ 143، ميرپورخاص ۾ 98 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 58 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو.
صحت کاتي موجب هلندڙ سال ڪراچي ۾ مليريا جا ٻه هزار 242 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ صوبي ۾ مجموعي طور 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هلندڙ سال صوبي ۾ مليريا سبب ٻه ڄڻا لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.