سيمينٽ جي اگهه ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سيمينٽ جي رٽيل اگهه ۾ گذريلهفتي دوران هفتيوار بنيادن تي معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي اهي.

شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب 14 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ جي اترين علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري 1208 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.16 سيڪڙو مهانگي آهي.

ڏاکڻ علائقن ۾ سيمينٽ جي في ٻوري 1168 رپين جي آهي جيڪا 0.30 سيڪڙو مهانگي ٿي آهي.

اسلام آباد ۾ سيمينٽ 1198 جڏهن ته ڪراچي ۾ سيمينٽ 1144 رپين ۾ ملي رهيو آهي.

حيدرآباد ۾ 1150، سکر 1200، لاڙڪاڻو 1173، ڪوئيٽا 1170 ۽ خضدار ۾ 1170 رپين ۾ في بوري ملي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.