چوري جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ويل شهري جي ٿاڻي مان موٽر سائيڪل چوري

ڪوٽ ادو (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي ڪوٽ ادو ۾ چوري جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ويل شهري سان وڏي جُٺ ٿي وئي.
سنانوان ڳوٺ جو رهواسي عارف ٿاڻي ۾ چوري جو ڪيس داخل ڪرائڻ آيو هو پر ٿاڻي جي اندران ئي ان جي نئين موٽر سائيڪل به چورائي وئي.
متاثر شهري جي شڪايت تي پوليس ٻه ڪيس داخل ڪري ورتا، عارف احتجاج ڪندي چيو شهري ٿاڻي ۾ ئي محفوظ ناهن ته ٻيو ڪٿي محفوظ هوندا؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.