بابر اعظم جو رانديگرن سان جهيڙو، ثناءَ مير به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وومينز ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ثناءَ مير به ڊريسنگ روم ۾ رانديگرن وچ ۾ جهيڙي جون خبرون منظرعام تي اچڻ تي چپ نه رهي سگهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عالمي ڪپ مٿان آهي هي هڪ انتهائي افسوسناڪ خبر آهي.

هن چيوته اهو ڏسي ڏاڍي مايوسي ٿي ته ماڻهو بابر اعظم سان ڊريسنگ روم ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻول کي ميڊيا جي سامهون آڻي رهيا آهن.

هن لکيو ته جيڪو به ڊريسنگ رووم ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي ليڪ ڪري رهيو آهي ان کي شرم اچڻ گهرجي، اِهو ٽيم جي تقدس خلاف آهي.

اڳوڻي ڪپتان پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ان عمل کان وڌيڪ ڪائي به انجري ٽيم کي نقصان نٿي پهچائي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.