بالي ووڊ اداڪارا زرين خان جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪلڪتو (ويب ڊيسڪ) ڪلڪتي جي عدالت بالي ووڊ اداڪارا زرين خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
ڀارتي ميڊيا موجب عدالت 2018 ۾ داخل دوکي بازي جي ڪيس ۾ زرين خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن، بالي ووڊ اداڪارا تي هڪ شو ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ پئسا وٺڻ باوجود پرفارمنس نه ڏيڻ جو الزام آهي.
رپورٽن موجب ڪلڪتي جي عدالت زرين خان کي ڪيس جي سلسلي ۾ ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو پر هوءَ پيش نه ٿي، جنهن کانپوءِ سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.
هوڏانهن زرين خان گرفتاري وارنٽن کان لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مون کي ان بابت ڪو علم ناهي، قانوني ٽيم معاملي جو جائزو وٺندي ۽ پوءِ ردعمل ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.