لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلويز عيد ميلاد النبي صه جي مناسبت سان اسپيشل ميلاد ٽرين هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ميلاد اسپيشل ٽرين 19 سيپٽمبر تي ڪراچي کان راولپنڊي لاءِ رواني ٿيندي، ميلاد اسپيشل ٽرين ڪراچي کان لوڌران رستي فيصل آباد، لالا موسيٰ ۽ 20 سيپٽمبر تي راولپنڊي پهچندي، پاڪستان ريلوي طرفان ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن ريلوي اختيارين ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي، ريلوي انتظاميا ميل ايڪسپريس ٽرينن سان گڏ پارسل ٽرين جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي آهي.
ريلوي انتظاميا فيول جي اگهن ۾ واڌ ٿيڻ سان ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي آهي، ڀاڙن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ٽرينن جي ڀاڙن ۾ گذريل ٻن مهينن دوران ٽي ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي.
You might also like