محمد سراج جي شاندار بالنگ، گواسڪر کي پاڪستاني تيز بالر ياد ڏياري ڇڏيا

ممبئي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو ڀارتي ڪپتان سنيل گواسڪر سريلنڪا خلاف ڀارتي بالر محمد سراج جي شاندار بالنگ جي ساراهه ڪندي به پاڪستاني بالرن کي وساري نه سگهيو.

ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنيل گواسڪر چيو ته مونکي ياد نٿو اچي ته اسان اهڙي پرفارمنس ڪڏهن ڏٺي هئي پر اوهان کي ٻڌائڻ جو مقصد صرف اِهو آهي ته هي ڀارت وٽ موجود نئون بالنگ اٽيڪ آهي.

هن چيو ته ماڻهو پاڪستان جي بالنگ اٽيڪ تي تبصرا ڪندا آهن پر منهنجي خيال ۾ هي ڀارت جو اٽيڪ آهي، جسپريت بمرا جيتوڻيڪ واپسي تي گهڻيون وڪيٽون حاصل نه ڪري سگهيو پر هن بيٽرن تي پنهنجو دٻاءُ برقرار رکيو.

سنيل گواسڪر چيو ته اِهو نه وساريو ته ڀارتي ٽيم وٽ هن وقت به محمد شامي جهڙو ڪو آهي جيڪو پليئنگ اليون ۾ شامل آهي، ٻڌائڻو صرف اِهو آهي ته بالنگ لائين ۾ ڀارت وٽ به ريزرو رانديگر موجود آهن.

سنيل گواسڪر ايشيا ڪپ فائنل ۾ پليئر آف دي ميچ محمد سراج جي واکاڻ ڪندي چيو ته سراج هڪ اهڙو بالر آهي جيڪو ميدان تي سدائين پنهنجي بهترين ڪارڪردگي پيش ڪندو آهي جنهن لاءِ هو جس لهڻي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.