صائم ايوب خاطر عورت مڙس کي ڇڏڻ لاءِ تيار، شادي ڪرڻ اسٽيڊيم پهچي وئي!

ڪيريبيئن پريميئر ليگ ( سي پي ايل ) ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پاڪستاني بيٽر صائم ايوب جي هڪ مداح جو پوسٽر سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي.

گيانا ايمازون واريئرز جي نمائندگي ڪندڙ صائم ايوب ٽورنامينٽ ۾ هنيئر تائين لڳاتار ٽن ميچن ۾ اڌ سينچريون اسڪور ڪيون آهن.

صائم ايوب جميڪا ٿلاواز خلاف 53 بالن تي 85 رنسن جي اننگز کيڏي جنهن تي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، سندس اننگز ۾ پنج ڇڪا ۽ پنج چوڪا شامل هئا.

صائم ايوب جا پرستار پاڪستان ۾ ئي نه پر ويسٽ انڊيز ۾ به موجود آهن، جنهن جو اندازو اسٽيڊيم ۾ ويٺل عورت جي وائرل ٿيندڙ تصوير مان لڳائي سگهجي ٿو.

عورت طرفان پوسٽر تي لکيو ويو آهي ته ” صائم ايوب، مان اوهان سان شادي لاءِ پنهنجي مڙس کي طلاق ڏئي ڇڏينديس“ .

وائرل پوسٽر تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان دلچسپ تبصرن جو سلسلو جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.