ڄاڻيو دل جي مريضن کي ڪهڙيون شيون نه کائڻ گهرجن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڏهه اهڙيون غذائون آهن جيڪي دل جي مريضن کي نه کائڻ گهرجن جن ۾ تريل ڀوڄٽ يعنيٰ مرغ مصالحا، فرنچ فرائز يا نيرن ۾ ترسيل شيون نه کائڻ گهرجن.

ڪجهه ماڊرن کاڌا جيئن سوسيج، بيڪن ۽ وڏي گوشت کان پري رهجي.

دٻي ۾ بند ٿيل سوپ، پروسيسڊ چٽڻي، لوڻ وارا پاپڙ ۽ اهڙيون شيون محدود رکڻ گهرجن.

مٺي سوڊا، انرجي ڊرنڪس ۽ واڌو کنڊ وارن ميون جي رس کان پاسو ڪجي.

مارجرين، پيڪ ٿيل سامان ۽ ترسيل فاسٽ فوڊ نه کائجي.

ڳئون جو گوشت، ٻڪري ۽ رڍ جو گوشت گهٽ کائجي.

ڏهي يا وڌيڪ چرٻي واريون شيون پاسي تي ڪجن.

کاڌو پچائيندي وقت واڌو لوڻ جو خيال رکو ۽ وڌيڪ سوڊيم وارن مصالحن کان بچو.

مکڻ، ناريل جو تيل ۽ چرٻي واري گوشت کان پاسو ڪريو.

چانور ۽ ان جي ماني به گهٽ کائجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.