سعودي اسرائيل لاڳاپن جي بحالي ۾ فلسطين مسئلو رنڊڪ بڻيل آهي: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته فلسطين جو مسئلو حل نه ٿيڻ سبب سعودي ۽ اسرائيل وچ ۾ لاڳاپن جي بحلاي جو معاهدو ناهي ٿي رهيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو ته آمريڪا سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جي معاهدي تائين پهچي ويا آهيون پر ان کي مڪمل ڪرڻ ۾ فسلطين تڪرار رنڊڪ بڻيل آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پيچيدا معاملن ۾ ڊيڊ لاڪ آهي جنهن مان سڀ کان اهم فلسطين جي مسئلي جو حل نه ٿيڻ آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي ۽ هڪ ٻئي کي سفارتي سطح تي تسليم ڪرڻ سان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي ايندي.
واضح رهي ته آمريڪا جي ٽياڪڙي ۾ گڏيل عرب امارتن سوڌو ڪيترن ئي عرب ملڪن اسرائيل کي تسليم ڪري سفارتي ۽ واپاري لاڳاپا اڳ ئي بحال ڪري چڪا آهن.
پر سعودي عرب اسرائيل سان سفارتي لاڳاپن جي بحالي لاءِ فلسطين جي ٻه رياستي حل ۽ يهودي وسندين جي آبادگاري کي روڪڻ سان مشروط ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.