ڪِرڙين کي گھر کان پري رکڻ جا بهترين طريقا

گھڻن ماڻهن کي گھر ۾ ڪِرڙيون نظر اچڻ پسند ناهي هوندو.

پر گرم موسم ۾ گھر ۾ اهي جاندار عام نظر ايندا آهن جن کي ڏسي گھڻا ماڻهو ڊڄي ويندا آهن.

هونئن ته ڪِرڙيون گھر مان جيتن کان ڇوٽڪارو ڏيارينديون آهن پر انهن کي ڪو به پسند ناهي ڪندو.

تنهنڪري سٺي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه عام شين يا طريقن سان اوهان انهن کي گھر کان ٻاهر ڪڍي سگھو ٿا.

بيضن جون کَلون

اهو گھڻو اثرائتو ۽ سستو طريقو آهي جنهن سان ڪِرڙيون کي ڊيڄاري گھر مان ڀڄائڻ ممڪن آهي.

ڪِرڙيون بيضن جي کَلُن کي شڪاريءَ جي روپ ۾ ڏسنديون آهن.

تنهنڪري ڪِرڙين کي گھر کان ٻاهر ڀڄائڻ لاءِ بيضن جي کَلُن کي مختلف هنڌن تي رکي ڇڏيو ڪِرڙيون انهن کي ڏسي ڀڄي وينديون.

انهن کَلُن کي هر 3 يا 4 هفتن بعد تبديل ڪري ڇڏيو.

ڪافي به مددگار آهي

ڪافيءَ جي چوري ۽ تماڪ جي پائوڊر کي آلو ڪري پاڻ ۾ ملائي هٿ سان ننڍا ننڍا بال بڻايو ۽ انهن ۾ ڏک کوٽيندڙ ڪاٺي لڳائي ڇڏيو.

ان بال کي ان جاءِ تي رکي ڇڏيو جتي ڪِرڙيون گھڻيون نظر اينديون آهن.

ان کي کائڻ سان ڪِرڙيون مري وينديون.

ٿوم

ٿوم جي تيز بوءِ رڳو انسانن کي ئي نه پر ڪِرڙين کي به ناهي وڻندي جنهن سبب ڪِرڙيون گھر کان پري رهنديون آهن.

بصر

بصر به ڪِرڙين کي گھر کان پري رکڻ ۾ مددگار آهي.

ان ڪري بصر کي اڌ ڪاتي ان جاءِ تي رکي ڇڏيو جتي ڪِرڙيون گھڻيون نظر اينديون آهن.

ڳاڙهن مرچن جو اسپري

ڳارها مرچ ۽ پاڻي گڏائي اسپري جي بوتل ۾ وجهي گھر جي مختلف هنڌن جهروڪ فرج جي هيٺان، فرنيچر جي پٺيان يا ڀتين تي اسپري ڪري ڇڏيو.

حقيقت ۾ هر هنڌ اسپري ڪريو جتي ڪِرڙيون نظر اينديون آهن، ان اسپري جو محلول ڪِرڙين ۾ خارش جو احساس پيدا ڪري انهن کي گھر کان ڀڄائي ڇڏيندو.

ڪافور

ڪافور جي گورين کي فرج، سنڪ يا چُلهي جي هيٺان رکي ڇڏيو، ان سان به ڪِرڙيون غائب ٿي وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.