عالمي ڪپ لاءِ انگلينڊ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
انگلش ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي آفيسل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي آءِ سي وي ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو.
انگلش ٽيم جي قيادت جوز بٽلر ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ معين علي، جوني بيئراسٽو، هيري بروڪ، سيم ڪُرن، ليام ليونگسٽن، ڊيوڊ ملان، عادل رشيد، جو روٽ، بين اسٽوڪس، ڪرس ووڪس، مارڪ وود، گس اٽڪنسن، ريسي ٽوپلي ۽ ڊيوڊ ويلي شامل آهن.
واضح رهي ته آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي شروعات 5 آڪٽوبر کان ڀارت ۾ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.