راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن موجب شيخ رشيد کي نجي هائوسنگ سوسائٽي ۾ سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو.
شيخ رشيد جي وڪيل سردار عبدالرزاق گرفتاريءَ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته شيخ رشيد جي ٻن ڀائٽين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
هن ٻڌايو ته شيخ رشيد کي سادن ڪپڙن ۾ ماڻهن گرفتار ڪيو، سندس خلاف پنجاب ۾ ڪو ڪيس داخل ناهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري تي 10 مئي تي پي ٽي آءِ ريلي ڪڍي هئي، احتجاجي ريلي خلاف ڪوهسار ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ شيخ رشيد کي به نامزد ڪيو ويو.
وڪيل چيو ته اڃا تائين ڪا ڄاڻ ناهي ته شيخ رشيد کي ڪاڏي وٺي ويا آهن؟ پتو لڳائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
You might also like