برازيل ۾ مسافر برداري جهاز تباهه، 14 ڄڻا فوت

برازيل جي صوبي بارسيلوز ۾ اتر ايمازون جي علائقي ۾ مسافر بردار جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، حادثي ۾ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا.
بارسيلوز جي گورنر سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي جهاز حادثي ۾ فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حادثي واري هنڌ ريڪسيو اهلڪار پهچي ويا هئا، امدادي سرگرميون جاري آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب حادثي ۾ جهاز عملي جي ٻن ميبرن سوڌو جهاز ۾ شوار 14 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ٻي پاسي مينووس ايئرو ٽيڪسي ايئر لائنز هڪ بيان ۾ جهاز حادثي جي تصديق ڪندي چيو ته حادثي جي جاچ جاري آهي پر متاثرن جي رازداري جي حقن کي نظر ۾ رکندي في الحال فوتگين يا زخمين بابت ڪا به ڄاڻ فراهم نٿي ڪري سگھجي.
برازيلي ميڊيا موجب حادثي جو شڪار ٿيندڙ جهاز تي سوار سڀ مسافر فوت ٿي ويا آهن، جهاز تي آمريڪي شهري به سفر ڪري رهيا هئا پر اختيارين طرفان مسافرن جي انگ يا سڃاڻپ کي في الحال ظاهر ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.