چانهه سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پيتي ويندي آهي، پاڪستان سوڌو ڪيترن ئي ملڪن ۾ چانهه کي گھڻي اهميت ڏني ويندي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ اها مختلف رنگن ۽ ذائقن ۾ دستياب آهي.
چانهه جي تاريخ تي جيڪڏهن نظر ڊوڙائجي ته ان جي اصل خطي جي حوالي سان مختلف رپورٽن ۾ ڪيترائي دليل پيش ڪيا ويا آهن پر گڏيل قومن موجب خيال ڪيو ويندو آهي ته ان جي شروعات ڀارت جي اتر اوڀر، اتر ميانمار ۽ چين جي ڏکڻ اولهه علائقي کان ٿي.
ٻي پاسي پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان ڳالهه جون شاهديون به موجود آهن ته چين ۾ تقريبن 5 هزار سال اڳ چانهه جو استعمال ڪيو ويندو هو جنهن مان خبر پوي ٿي ته چانهه دنيا جي قديم ترين شربتن مان هڪ آهي.
Prev Post
You might also like