اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ”ڊريپ“ سڄي ملڪ ۾ دوائن جي کوٽ ۽ نه ملڻ جي شڪايت لاءِ پهريون ڀيرو موبائل ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي.
لاهور ۾ صوبائي ڊرگ ڪوالٽِي ڪنٽرول بورڊ جي ڄاڻايل ايپ ذريعي نه رڳو دوائن جي کوٽ بابت ڄاڻ حاصل ٿيندي پر ان سان اها به خبر پوندي ته ڪهڙي شهر ۾ هٿرادو کوٽ ۽ ذخيرا اندوزي ڪئي پئيوڃي.
ڊرگ شارٽيج رپورٽنگ نالي سان متعارف ڪرايل ايپ کي انتهائي سادو رکيو ويو آهي ۽ ان کي گوگل پلي اسٽور تان مفت ڊائون لوڊ ڪري سگھجي ٿو.
ڄاڻايل ايپ تي شڪايت داخل ڪرائڻ لاءِ ان تي اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت نٿي پوي، پر شڪايت ڪندڙ کي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ سميت موبائل نمبر ۽ نالو فراهم ڪرڻو پوي ٿو.
شڪايت ڪندڙ کي شهر جو نالو لکڻ سميت دوا جو نالو ۽ ان جو ڊوز يعني ڪنهن نوعيت يا گرام جي دوا جي ڄاڻ به ڏيڻي پوندي.
ڄاڻايل ايپ ذريعي ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، حيدرآباد، سکر ۽ جيڪب آباد سوڌو مختلف شهرن جا ماڻهو دوائن جي کوٽ بابت شڪايت داخل ڪرائي سگھن ٿا.
جيتوڻيڪ ڄاڻايل ايپ کي سڄي پاڪستان ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگھجي ٿو. پر ان کي اڃا تائين سڀني شهرن ۾ متعارف ناهي ڪرايو ويو.
ان کانسواءِ ايپ ۾ شهرن جي ڊرگ انسپيڪٽرز بابت ڄاڻ به فراهم ڪئي وئي آهي، پر فوري طور تي سڀني شهرن جي ڊرگ انسپيڪٽرز جي ڄاڻ دستياب ناهي ڪئي وئي.
اهڙيءَ طرح ايپ تي نئين شڪايت بابت ڄاڻ جاچڻ جو آپشن به رکيو ويو آهي، يعني شڪايت داخل ڪرائڻ کان پوءِ واهپيدار ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان جا اسٽيٽس به ڄاڻي سگھندا.