کنڊ 140 رپيا ڪلو ڏيڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران حڪومت صوبي ۾ عوام کي سستي کنڊ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اها کنڊ يوٽيليٽي اسٽورن ذريعي وڪرو ڪئي ويندي.
پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ سستي کنڊ جي فراهمي جي منظوري ڏني وئي.
ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت يوٽيليٽي اسٽورن ذريعي عوام کي 140 رپيا في ڪلو کنڊ فراهم ڪندي.
سڄي صوبي ۾ 2100 يوٽيليٽي اسٽورن ۽ 750 فرنچائزڊ اسٽورن تي کنڊ هوندي، کنڊ جي خريداري ۾ شفافيت لاءِ اصل سڃاڻپ ڪارڊ کڻي اچڻو پوندو.
فيصلي موجب هر خاندان هڪ مهيني ۾ 5 ڪلو کنڊ حاصل ڪري سگهندو، يوٽيليٽي اسٽورن تي کنڊ جي فراهمي جو عمل ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.