پيٽرول مهانگو ٿيندي ئي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ٿيندي ئي پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ به ڀاڙن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
هڪ مهيني دوران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٻه ڀيرا واڌ عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون.
پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ واڌ جتي عوام جي پريشاني وڌائي ڇڏي، اتي ئي وري گڊز ٽرانسپورٽرن طرفان ڀاڙن ۾ واڌ سبب عام واهپي جي شين جا اگهه به اوچتو وڌي ويا آهن، جنهن سبب هر شئي عوام جي وس کان ٻاهر ٿي وئي آهي.
واضح رهي ته نگران حڪومت جي تازي اعلان کانپوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 331 رپيا 38 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 329 رپيا 18 پئسا ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.