لاهور (ويب ڊيسڪ) يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز (يو ايڇ ايس) ايم بي بي ايس جي داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن.
ايم ڊي ڪيٽ جي امتحان ۾ پهرين ۽ ٻي پوزيشن اسٽيپ حاصل ڪئي، اسٽيپ جي محمد علي 200 مان 193 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.
حمزه رياض ۽ اسٽيپ جي محمد فرقان 200 مان 192 مارڪون کڻي گڏيل ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، اهي ٽيئي پوزيشن هولڊر پنجاب ڪاليج انٽرميڊيٽ جا آهن.