ڌيءَ کي هراسان ڪندڙ ماءُ کي قيد جي سزا

دنيا ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ جو رشتو سڀ کان خوبصورت رشتو آهي، پر ڏکڻ ڪوريا ۾ اهو رشتو هڪ آزمائش کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيو جتي ماءُ پاران پنهنجي ئي ڌيءَ کي هراسان ڪرڻ جو واقعو سامهون آيو آهي.

ماءُ کي پنهنجي بالغ ڌيءَ تي نظر رکنڻ يا پيڇو ڪرڻ تي 6 مهينا قيد ۽ ٻه سال نگران جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

ڏکڻ ڪوريا جي ڊيجيون ضلعي جي عدالت موجب ماءُ پنهنجي ڌيءَ کي 111 ڀيرا ڪال ڪئي ۽ ان کي 306 ٽيڪسٽ پيغام موڪليا هئا.

ڪورين هيرالڊ اخبار موجب شروعاتي پيغامن ۾ پهريان عام مشورا هئا جهڙوڪ بائبل پڙهڻ جو مشورو يا رهائش بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ.

پر ڌيءَ طرفان جواب نه ڏيڻ تي پيغام جلد زباني بدسلوڪي ۾ تبديل ٿي ويا، جنهن ۾ ڌيءَ کي جنسي رويي بابت توهين جوڳا تبصرا به شامل هئا.

في الحا ڌيءَ طرفان ماءُ جي پيغامن جو جواب نه ڏيڻ جو ڪو به سبب سامهون ناهي آيو، مقامي ميڊيا هيل تائين ماءُ ۽ ڌيءَ جي سڃاڻپ ڳجهي رکي آهي.

عدالت کي ٻڌايو ويو ته ماءُ پنهنجي ڌيءَ جو پيڇو به ڪندي رهي آهي. هن مخصوص مدي دوران مبينا طور تي پنهنجي ڌيءَ جي گھر جا اٺ غير مجاز دورا به ڪيا هئا.

ڊيجيون ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي رڪارڊ موجب هوءَ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڌيءَ جي گھر لِڪي ڪري ويندي هئي.

پوليس طرفان گذريل سان جون ۾ اسٽي جاري ٿيڻ باجود عورت وڌيڪ 6 ڀيرا ان جي ڀڃڪڙي ڪئي.

ماءُ اهو چئي پنهنجو دفاع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن ڄاڻي واڻي ائين ناهي ڪيو پر عدالت سندس دليلن کي رد ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.