” اسان ڀارتين جيان ٺڳ ناهيون“ هرشا ڀوگلي جي ٽوئيٽ تي پاڪستاني مداحن جو ردعمل

ايشيا ڪپ ۾ سريلنڪا هٿان شڪست کانپوءِ پاڪستان جو ٽورنامينٽ ۾ سفر تمام ٿي ويو پر پاڪستاني پرستارن جي ذهنن مان پاڪ-سريلنڪا ميچ جون جهلڪيون نڪري ناهن سگهيون.

ٻن ڏينهن کان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جتي ان ميچ جو ذڪر هلي رهيو آهي اتي ون ڊي ۾ ڊيبيو ڪندڙ نوجوان زمان خان ايڪس تي ٽرينڊ ڪري رهيو آهي.

ايڪس واهپيدار لڳاتار زمان کي آٿت ڏئي رهيا آهن ۽ سريلنڪا خلاف آخري اوور ۾ شاندار بالنگ ڪرڻ تي ساراهي رهيا آهن.

ان سلسلي ۾ ڀارتي ڪامينيٽر هرشا ڀوگلي جي ٽوئيٽ واهپيدارن کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي.

ٿيو ڪجهه ائين ته جڏهن زمان خان ميچ جو آخري بال هلايو ته نان اسٽرائيڪر اينڊ تي موجود سريلنڪن بيٽر مٿيشا پٿيرانا زمان جي بال هلائڻ کان اڳ ئي ڪريز مان ٻاهر نڪري چڪو هو.

جيڪڏهن زمان خان کيس مينڪڊ ( رن آئوٽ ) ڪري وجهي ها ته سريلنڪا ميچ هارائي وڃي ها ڇو ته آخري بيٽر مهيش ٿيڪشنا انجري سبب بيٽنگ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هو.

ميچ کانپوءِ ان حوالي سان هرشا ڀوگلي ٽوئيٽ ڪئي ته ڇا ائين نه پئي ٿي سگهيو زمان خان بالر جي اينڊ تي منڪڊ بابت الرٽ رهي ها، پٿيرانا ڪريز کان ٻاهر هو.

ان ٽوئيٽ جي جواب ۾ سريلنڪن صارف نبراز رمضان لکيو ته هونئن ته منڪڊ قانون پٽاندڙ آهي پر زمان نان اسٽرائيڪر اينڊ تي رانديگر کي منڪڊ نه ڪرڻ بهتر سمجهيو، هار کي عزت تي ترجيح ڏني، نوجوان بالر شاندار ڪم ڪيو.

هڪ ٻئي واهپيدار چيو ته هڪ شيءَ هوندي آهي جنهن کي اسپورٽس مين اسپرٽ چيو ويندو آهي، جيڪا افغانستان ۽ ڀارتي رانديگرن جي اندر موجود نه آهي.

هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته اسان منڪڊ تي هار کي ترجيح ڏني.

احتشام الحق تبصرو ڪندي چيو ته ميچ کي غيراخلاقي طريقي يعني منڪڊ آئوٽ ڪري کٽڻ کان سٺو آهي اوهان عزت سان ميچ هارائي وڃو.

هڪ واهپيدار لکيو ت اسان اهڙي قسم جي چيٽنگ ڪري ميچ کٽڻ جي حق ۾ نه آهيون.

وليد فلڪ لکيو ته پاڪستان هارائي ويو پر اسپورٽس مين شپ کي هڪ ڀيرو به نه وساريو، ڪرڪيٽ قانون کان ڪرڪيٽ اسپرٽ وڌيڪ اهم هوندي آهي.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي برسات سبب متاثر ميچ ۾ پاڪستان سريلنڪا کي کٽڻ لاءِ 42 اوورن ۾ 252 رنسن جو هدف ڏنو پر پاڪستاني بالر هدف جو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ۽ سريلنڪا گهربل هدف 42 هين اوور جي آخري بال تي اٺ وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.