پشاور (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگھن ۾ واڌ کان پوءِ سائيڪل خريد ڪرڻ جي خواهشمندن کي اتي به مايوسي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
پشاور ۾ مهانگائي سٽيل شهرين انوکو حل ڪڍندي ڀاڙي جون سائڪلون استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. شهري بي آر ٽي سان سلهاڙيل زوبائي سائيڪل کي ترجيح ڏيڻ لڳا.
صوبائي حڪومت جي انتظام هيٺ سهولت ذريعي شهري ايپ جو استعمال ڪندي هڪ اسٽاپ کان ٻئي يا پنهنجي گھربل منزل تائين سائيڪل جو استعمال ڪري سگھن ٿا.
ان سهولت مان فائدو وٺڻ لاءِ روڪ بدران ايپ تي ڪارڊ ذريعي رقم ادا ڪن ٿ ا.
ٽرانس پشاور جي ترجمان صدف ڪامل موجب هڪ سال دوران نه رڳو سائيڪل استعمال ڪندڙن جي انگ ۾ هڪ هزار اضافو ٿيو آهي پر زو سائيڪل جون ٽرپس به 26 هزار کان 1 لک 44 هزار تائين پهچي ويون آهن.
شهرين مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت کي پيٽرول جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڪرڻ گھرجي ٻي صورت سڄي شهر ۾ سائيڪل سروس شروع ڪرڻي پوندي.