مراڪش زلزلو، پرائمري پڙهندڙ هڪ ئي ڪلاس جا 32 ٻارڙا اجل جو شڪار

طرابلس (ويب ڊيسڪ) مراڪش ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ آيل 6.8 شدت جو زلزلو جتي هزارين حياتيون ڳهي ويو اتي ئي هڪ ئي جماعت جا 32 شاگرد به فوت ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو ادري موجب شديد زلزلي جتي مراڪش کي ٿوڏي رکي اتي ئي جابلو علائقي واري ڳوٺ اداسيل ۾ به وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي.
ميڊيا رپورٽس موجب اداسيل زلزلي جي مرڪز ويجهو هو انهيءَ ڪري اتي وڏي پيماني تي نقصان ٿيا ۽ زلزلو هڪ ئي جماعت جي 32شاگردن جون حياتيون به ڳڙڪائي ويو.
ٻڌايو پيو وڃي ته شاگردن جي عمر 6 کان 12 سالن جي وچ ۾ هئي جيڪي ڪامياب مستقبل جا خواب سجائي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ آيا هئا.
پرڏيهي خابرو اداري اسڪول جي استاد مس الفاڊيل سان ڳالهايو جنهن پنهنجن شاگردن کي وڃائڻ تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
الفاڊيل طرفان ٻڌايو ويو ته هوءَ اسڪول ۾ عربي ۽ فرانسيسي ٻولي جي استاد هئي ۽ هن جو آخري ڪلاس خميس جي ڏينهن زلزلو اچڻ کان پنج ڪلاڪ اڳ هئي.
ميڊيا رپورٽس موجب انتظاميا طرفان ٻڌايو ويو آهي ته زلزلي سبب مراڪش ۾ 530 تعليمي ادارن کي نقصان پهتو جن مان ڪجهه ته مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.