اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت مهانگائي جي ماريل عوام کي ڪو به رليف ڏيڻ کان نابري واريندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 26 رپيا ٻه پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 17 رپياچار پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي.
پيٽرول جي نئين قيمت 331 رپيا38 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 329 رپيا18 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ڪيا ويا آهن.
تيل مصنوعات جي اگهن ۾ تاريخي واڌ کانپوءِ غريبن توڙي وچولي طبقي جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن.
هوڏانهن توانائي وزير محمد علي چيو آهي ته 3700 رپين ۾ گئس درآمد ڪري 1100 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۾ نٿا ڏئي سگهون، گئس جي اگهن ۾ واڌ تي ڪم جاري آهي، جيڪو پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندو.
هن چيو ته سالن کان بجلي چوري ٿي رهي هئي پر ڪو روڪي نه رهيو هو، جيڪي شيون ٺيڪ ڪري رهيا آهيون اهي هڪ مهيني جون نه ڪيترن ئي سالن جون غلطيون آهن، ڊالر ڪنٽرول جو فائدو ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ٿيندو.
ٻئي پاسي ناڻي واري وفاقي وزير شمشاد اختر چيو آهي ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 27 سيڪڙو تي آئي آهي، اسٽيٽ بئنڪ پاليسي ريٽ ناهي وڌايو، انهن قدمن سان به بهتري جي اميد آهي.
هن چيو ته آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل هدف حاصل ڪري وٺنداسين، عالمي بئنڪ کان ٻه ارب ڊالر ملڻ جي اميد آهي،