غيرقانوني پرڏيهين کي واپس موڪلينداسين: نگران حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڄ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ بجلي چوري، معاشي معاملن ۽ اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان غور ڪيو ويو.

اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو هڪ سوال جي جواب ۾ چوڻ هو ته ڪنهن کي به غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت نه آهي، اسان سڀني غيرقانوني ترسيلن کي واپس موڪلينداسين.

هن چيو ته ذخيرا اندوزن ۽ غيرقانوني واپار ڪندڙن کي سخت نقصان ڀوڳڻو پوندو، حڪومت بنا ڊپ جي ڪارروايون ڪري رهي آهي.

ياد رهي ته رينجرز طرفان به گدامن تي ڇاپا هڻي وڏي پئماني تي ذخيرو ڪيل ڪڻڪ ۽ کنڊ هٿ ڪئي پئي وڃي.

نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ افغان ٽريڊ ٽرانزٽ تي به غور ڪيو ويو، هن چيو ته ان کي عالمي قانونن موجب ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون.

ٻئي پاسي طور خم بارڊر کوليو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.