هالي ووڊ اداڪارائون خوبصورت نظر اچڻ لاءِ ڪهڙا ٽوٽڪا استعمال ڪنديون آهن؟

هالي ووڊ جي حسينائن جا چهري ننڍي عمر کان وٺي وچولي عمر تائين ٻين عورتن جي ڀيٽ ۾ ايترا تان تازا نظر ايندا آهن جو انهن کي ڏسندڙ حيران ٿي ويندا آهن.

عورتون پنهنجي پنسديدهه خوبصورت اداڪارا کي ڏسي ان جهڙو بڻجڻ جي خواهش ۾ مختلف بيوٽي پارلرز جو رخ ڪنديون آهن. بيوٽيشنز به خوبصورت بڻجڻ جي خواهشمند عورتن کي پنهنجي گُڻ سان اهڙو بڻائي ڇڏينديون يا ڇڏيندا آهن ڄڻ اهي مشهور اداڪارائن جا پرسنل اسٽائلسٽ هجن.

پراڻي زماني ۾ عورتون موجودا نسل جيان سنڀرڻ لاءِ مشهور برانڊز جا پراڊڪٽس استعمال نه ڪنديون هيون. ان جي باوجود به انهن جي چهرن ۾ رونق ۽ ڪشش نظر ايندي هئي.

ڏاڏيون ۽ نانيون پنهنجي جواني جي حسن جا راز قدرتي شين کي قرار ڏينديون آهن ۽ پنهنجي ڏوهٽين ۽ پوٽين کي به ان حوالي سان ترڪيبو ٻڌائينديون آهن. پر اڄ ڪالهه جو نئون نسل رڳو اسٽائلش فنڪارن جي نقش قدم تي هلڻ چاهي ٿو.

وڏن وڏن برانڊز جي پروڊڪٽس جي اشتهارن ۾ نظر ايندڙ هالي ووڊ حسيانائون پنهنجي خوبصورتي جو راز مشهور برانڊز جي مهانگين شين کي قرار ڏينديون آهن پر هر هڪ حسين چهري جي پٺيان ڪيترائي راز لڪيل آهن.

اڄ اسان اوهان کي هالي ووڊ جي اهڙين ئي ڪجهه حسينائن جا اُهي خاص ٽوٽڪا ٻڌائي رهيا آهيون جن کي چپ ڇاپ استعمال ڪنديون آهن.

جوليا رابرٽس:

دنيا جي خوبصورت ترين عورتن جي سالياني فهرست ۾ 11 ڀيرا شامل ٿيندڙ مشهور اداڪارا جوليا رابرٽس جي عمر 54 سال آهي نوجوان ڇوڪريون هن مان گھڻو متاثر آهن.

جوليا جون چاهيندڙ اهو ڄاڻي وٺن ته جيڪڏهن انهن کي جوليا جهڙو خوش شڪل بڻجڻو آهي ته اهي زيتون جي تيل جو استعمال شروع ڪري ڇڏين. پر جوليا جي فيشن ٽپ به کائڻ جي نه پر لڳائڻ جي آهي.

جوليا پنهنجي کَلَ کي نرم رکڻ لاءِ زيتون جي تيل جي مساج ڪندي آهي. هوءَ پنهنجا ننهن مضبوط بڻائڻ لاءِ به انهن تي زيتون جو تيل استعمال ڪندي آهي.

اسڪارلٽ جانسن:

مارول ڪامڪس جي سپر هيروئن ”بليڪ وڊو“ جو ڪردار نڀائيندڙ خوبصورت اسڪارلٽ جانسن جي ڀوري رنگ جو راز ڄاڻڻ لاءِ سڀ بيتاب آهن. 37ورهين جي آمريڪي اداڪارا جو ڀورو رنگ خانداني به آهي پر پوءِ به هوءَ ٽوٽڪا استعمال ڪندي آهي.

اسڪارلٽ پنهنجي چهري ۽ هٿن کي صوف جي سرڪي سان ڌوئيندي آهي جنهن سان سندس کَل کي وڌيڪ خوبصورتي ملندي آهي.

اينجلينا جولي:

خوبصورت اداڪارا اينجلينا جولي ڪيترن ئي سالن کان ڪينسر جي بيماري سان وڙهي رهي آهي. 46 ورهين جي اداڪارا پنهنجي سرجري به ڪرائي هئي. بيماري جي باوجود اينجلينا جولهي سدائين خوبصورت نظر ايندي آهي.

اداڪارا پنهنجي پيٽ ۽ جسم جي ٻين حصن تان نشان گھٽائڻ لاءِ سائبيرين اسٽرجن مڇي جا بيضا کائيندي آهي.

خاص ڳالهه اها آهي ته اينجلينا جولي کي اهي خاص مڇي جا بيضا کٽاڻ جي صورت ۾ تيار ٿي ملندا آهن جيڪي يقيني طور تي مهانگا به آهن. مڇي جي بيضن جي کٽاڻ اداڪارا جي جسم کي فِٽ رکڻ ۾ به مدد ڪندي آهي جڏهن ته بيضن ۾ موجود تيل بهترين موئسچرائزر جو به ڪم ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.