نگران سرڪار مُلڪ ۾ مهانگائي گهٽجڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي!

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران حڪومت مهانگائي گهٽ ٿيڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر جو چوڻ آهي ته مهانگائي 38 کان 27 سيڪڙو تي  اچي وئي آهي، ڪجهه مسئلا آهن، پر هو پريشان ناهن.

سڌ سماءُ واري نگرين وفاقي وزير  مرتضيٰ سولنگي ۽ توانائي واري وزير محمد علي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير شمشاد اختر چيو ته حڪومتي قدمن سان مختلف شعبن ۾ بهتري آئي آهي.

هن چيو ته فصلن جي پيداوار حاصل ٿيندي، جنهن سان نتيجا بهتر ٿيندا.

شمشاد اختر چيو ته رپيو ڊالر جي ڀيٽ ۾ مضبوط ٿي رهيو آهي، اهي هاڪاري اشارا آهن، اقتصادي ڏکيائيون ختم ٿي رهيون آهن، مهانگائي 38 کان 27 سيڪڙو تي  اچي وئي آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ٽيڪس جو دائرو وڌايو ويو آهي، جيڪي ٽيڪس نه ٿا ڏين انهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو، ٽيڪس روينيو جي ٽارگيٽ کي پاڪستان کي پورو ڪرڻو آهي.

توانائي واري وزير محمد علي چيو ته عوام جي ڏکيائي گهٽ ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ لوڊشيڊنگ تي ڪم ٿي رهيو آهي، بجلي  جي چوري ڪيترين ئي ورهين کان ٿي رهي آهي.

هن چيوته کين خبر آهي ته بجلي جا اگهه وڌيا آهن، هڪ مهيني نه پر ورهين جون غلطيون آهن، سندن ڪوشش آهي ته گهريلو واهپيدارن تي گهٽ بار پوي.

نگران وفاقي وزير چيو ته ماضيءَ ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولا تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو، ان لاءِ کين پاليسي جوڙڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.