ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ مهانگائي جو وڏو سبب سنڌ جي وسيلن، مختلف پيداوار ۽ ٻين شين جو غيرقانوني طور تي سنڌ کان ٻاهر منتقل ٿيڻ به آهي.
بدعنوانين جي ڪري سنڌ جا ماڻهو بُک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آهن، جڏهن ته ڪڻڪ، چانور ۽ ٻئي پيداوار سنڌ کان ٻاهر اسمگل ٿيڻ جو سلسلو وڏي عرصي کان هلندو پيو اچي، جنهن جي ڪري مختلف وقتن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي اٽي جي کوٽ، عام واهپي جي شين جا اگهن ۾ واڌ ۽ ٻين ڏکيائين سان منهن ڏسڻو پوندو آهي.