آءِ فونز بند ٿيڻ جو امڪان

پيرس (ويب ڊيسڪ) فرانس طرفان آءِ فون 12 جي وڪري تي پابندي کان پوءِ بيلجيئم به ايپل فون جي انساني صحت تي هاڃيڪارن جي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب بيلجيئم چيو آهي ته تابڪاري خدشن تي فرانس طرفان آءِ فون 12 جي وڪري تي پابندي کان پوءِ اسان ايپل فونز جي انسان صحت تي پوندڙ هاڃيڪار اثرن بابت جاچ ڪرائينداسين.
بيلجيئم جي ڊجيٽلائزيشن جي وزير جو چوڻ هو ته اسان جا ريگيوليٽر به معاملي جو جائزو وٺي رهيا آهن، اسان پنهنجي ريگوليٽر کي چيو آهي ته اهي رڳو آءِ فون 12 نه پر ايپل جي سمورن سمارٽ فونز ۽ ٽيبليٽس سوڌو ٻين فونز جو به جائزو وٺن پر اهو ڪم ڪم اڳتي هلي ڪيو ويندو.
ٻي پاسي يورپي يونين طرفان ايپل فون تي پابندي ۽ آءِ فون جي صحت لاءِ هاڃيڪار اثرن بابت ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو.
يورپي يونين ۾ ايپل پراڊڪٽ تي پابندي جي حوالي سان يورپينڪميشن چيو آهي ته هو ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ يونين جي ٻين ميمبر ملڪن جي فيڊ بيڪ جو انتظار ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.