مراڪش ۾ خطرناڪ زلزلي کان اڳ آسمان تي پراسرار روشني

طرابلس (ويب ڊيسڪ) مراڪش ۾ آيل خطرناڪ زلزلي کان اڳ آسمان تي پراسرار روشني جي وڊيو ڪيمرا ۾ محفوظ ٿي وئي.
مراڪش ۾ 8 سيپٽمبر تي 6.8 شدت جو زلزلو آيو هو جنهن کي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پوءِ آيل خطرناڪ زلزلو قرار ڏنو ويو آهي. زلزلي ۾ هيل تائين جي اطلاعن موجب 3 هزار ماڻهن فوت ۽ ساڍا 5 هزار جي ويجهو ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
ماهرن جو خيال آهي ته اهو زلزلو آفريقا جي ٽيڪٽونڪ پليٽ جي اتر ڏانهن وڌڻ ۽ يوريشين پليٽ سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ آيو آهي پر زلزلو اچڻ کان اڳ مراڪش جي ڪجهه ماڻهن آسمان تي پراسرار روشنيون ڏٺيون هيون جيڪي ڪيمرائن ۾ به محفوظ ٿيون آهن.
ايڪس (ٽوئيٽر) تي شيئر ڪيل هڪ ڪلپ ۾ نيري رنگ جي روشني کي آسمان تي اڀرندي ڏسي سگھجي ٿو.
ماهرن موجب اهي روشنيون ناياب آهن پر انهن کي ”زلزلي جي روشني“چيو ويندو آهي. زلزلي جون لائٽس معمول جي روشني جي بولٽ کان مختلف هونديون آهن جيڪي اوهان زلزلي جي دوران ڏسي سگھو ٿا.
اهي زمين کان ڪڪرن تائين سفر ڪنديون آهن ۽ زمين جي اندر زلزلي جي سرگرمين سان سلهاڙيل برقي چارجز سبب متحرڪ ٿينديون آهن.
آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جون روشنيون مختلف شڪلن ۾ اچي سگھن ٿيون، اها روشني پاڻ کي آسماني وِڄَ، روشني جي بالن ۽ مستقل چمڪ جي طور تي پيش ڪري سگھن ٿيون. ماهرن جو خيال آهي ته اها روشني زلزلي جي پليٽ ٽيڪٽونڪ جي حرڪت مان پيدا ٿينديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.