هٿرادو ذهانت اوهان جي شاعري کي گيتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ قائم جنريٽو هٿرادو ذهانت (اي آءِ) ڪمپني اسٽيبلٽي اي آءِ تازو ئي اسٽيل آڊيو نالي هڪ نئون ۽ انوکو ٽيڪسٽ ٽو آڊيو پليٽ فارم متعارف ڪرايو آهي.
هٿرادو ذهانت سان هلندڙ اهو پليٽ فارم ميوزڪ ۽ سائونڊ جنريشن ۾ ڪمپني جي پهرين قدم جي نمائندگي ڪري ٿو جيڪو 90 سيڪنڊن تائين گيت تيار ڪري سگھي ٿو.
اها ڪمپني هٿرادو ذهانت جي دنيا ۾ سڀ کان نمايان رهي آهي. پر اها گھڻو ڪري هٿرادو ذهانت ذريعي پيدا ٿيندڙ منظرن لاءِ ئي سڃاتي ويندي هئي.
ٽيڪسٽ ٽو آڊيو تي ٻڌل اسٽيبل آڊيو ۾ ماڊل کي تصوير بدران آڊيو ڊيٽا سان تربيت ڏني وئي آهي. ان سان واهپيدار ڪنهن به گيت يا بيڪ گرائونڊ آڊيو کي تيار ڪري سگھن ٿا، جنهن سان اهو مختلف پراجيڪٽس لاءِ هڪ ورسٽائل ٽول بڻجي سگھي ٿو.
اسٽيبل آڊيو پليٽ فارم حقيقت ۾ ميوزڪ پروڊڪشن لاءِ هڪ قدر جوڳو قدم آهي.
ان کان اڳ آڊيو ڊيفيوزن مالڊز رڳو مقرر مدي جون آڊيو ڪلپس تيار ڪري سگھندا هئا جنهن سان ان جي مڪمل گيت تيار ڪرڻ جي صلاحيت محدود ٿي وئي هئي.
اسٽيبلٽي اي آءِ واهپيدارن کي تيار ڪيل گيت جي وقت ۾ لچڪ فراهم ڪرڻ لاءِ ان ماڊل کي بهتر بڻايو آهي.
ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”اسٽيبل آڊيو اسٽيبلٽي اي آءِ (هٿرادو ذهانت) جي جنريٽو آڊيو ريسرچ ليب هارموني جي جديد ترين آڊيو جنريشن رسرچ جي نمائندگي ڪري ٿي، اسان آئوٽ پٽ ڪوالٽي، ڪنٽرول ايبلٽي، ڪاٿي جي رفتار ۽ آئوٽ پٽ جي ڊيگهه کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي ماڊل آرڪيٽيڪچر، ڊيٽا اسيٽس ۽ تربيتي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ جاري رکندا آهيون.
ڪمپني جي بيان موجب اسٽيبل آڊيو پليٽ فارم کي 8 لک کان وڌيڪ آڊيو فائلز جي وسيع ڊيٽا سيٽ جو استعمال ڪندي ترتيب ڏنو ويو آهي.
ڊيٽا سيٽ ۾ اسٽاڪ ميوزڪ لائسنسنگ ڪمپني آڊيو اسپارڪس جو ٽيڪسٽ ميٽا ڊيٽا به شامل آهي. اهو گڏيل ڊيٽا سيٽ ساڍا 19 هزار ڪلاڪن جي آواز جو گھيرو ڪري ٿو.
ڪمپني پليٽ فارم کي استعمال ڪرڻ لاءِ واهپيدارن کي ٽن مختلف قيمتن جي درجه بندي پيش ڪري رهي آهي.
اها واهپيدارن کي هر مهيني مفت وڌ کان وڌ 20 ٽريڪس لاءِ 45 سيڪنڊن تائين آڊيو بڻائڻ جي صلاحيت فراهم ڪري ٿي.
پروفيشنل ليول جي قيمت 12 ڊالرز آهي، ان ۾ واهپيدار 500 ٽريڪ بڻائي سگھن ٿا، جن ۾ هر هڪ جو وقت 90 سيڪنڊن تائين هوندو.
انٽرپرائز سبسڪرپشن رڳو انهن ڪمپنين جي لاءِ ئي دستياب هوندي جيڪي پنهنجي مرضي موجب پليٽ فارم کي استعمال ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.