نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ جانورن واڙي ۾ گھڙڻ تي ٻه ڌرين ۾ جهيڙو سبب فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ۽ 8 زخمي ٿي پيا.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي ضلعي داتيا جي ڳوٺ رانڊا ۾ دنگي ۽ پل ڌرين وچ ۾ مال جي واڙي ۾ گھڙڻ تي جهيڙو ٿي پيو.
پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ٽي ڏينهن اڳ دنگي ۽ پل قبيلن جي ٻن ماڻهن وچ ۾ جانورن جي واڙي ۾ گھڙڻ تي تڪرار ٿيو هو، ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ٻئي جي خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪرائي هئي.
پوليس موجب ٻنهي ڌرين جا ماڻهو گذريل ڏينهن ٻيهر آمهون سامهون اچي ويا ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا، زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
You might also like