پ پ پاران شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ تي لطيف کوسا جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ قانوندان لطيف کوسا جو چوڻ آهي ته پارٽي طرفان ڪو شوڪاز ناهي مليو، مون کي پارٽي مان ڪير ڪڍي سگهي ٿو.

پ پ پاران پارٽي پاليسي سان اختلاف ڪندي عمران خان جو دفاع ڪرڻ تي لطيف کوسا کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ستن ڏينهن ۾ جواب طلب ڪيو ويو آهي.

ان ڏس ۾ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي ( سي اي سي ) جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ملي آهي پر سُپريم ڪورٽ ۾ مصروف هئڻ سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندس.

لطيف کوسا جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي منهنجي پارٽي آهي مون کي ڪير پارٽي مان ڪڍي سگهي ٿو، اڃا تائين ڪو شوڪاز نوٽيس ناهي مليو، نوٽيس ملڻ تي جواب ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.