ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڄاڻايل تصوير کي پهرين سَٽ ۾ ڏسڻ سان هر ماڻهو کي اهو ئي نظر ايندو ته ان تصوير ۾ ٽي جانور آهن. هڪ ڪُتو، ٻي ٻِلي ٽيون سيهڙ.
پر اها تصوير فوٽوگرافي جو هڪ شاهڪار آهي.
پري کان ڪُتو، ٻِلي ۽ سيهڙ نظر ايندڙ جانورن واري تصوير کي ويجهو ٿي ڏسبو يا زوم ڪري ڏسبو ته توهان کي انتهائي انوکا منظر ڏسڻ ۾ ايندا.
ڪُتي واري تصوير ۾ هڪ جوڙي کي رومينٽڪ موڊ ۾ ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته انهن جوڙي جي مٿان هڪ غمگين ڇوڪري نظر اچي ٿي، انکانسواءِ هيٺين پاسي کان هڪ معصوم ٻار کي ستل ڏيکاريو ويو آهي.
اهڙي ئي ريت ٻِلي ۽ سيهڙ واري تصويرن ۾ به ٻه الڳ الڳ جوڙا ڏيکاريا ويا آهن جيڪي رومينٽڪ انداز ۾ مسڪرائي رهيا آهن.