جناح اسپتال ڪراچي جي مريضن کي ناقص کاڌو کارائڻ جو انڪشاف

ڪراچي جي جناح اسپتال جي مريضن کي مڇي، مرغي سميت ٻيو ناقص کاڌو کارائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ان حوالي سان سيڪريٽري صحت کي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪالهه جناح اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو جنهن دوران جناح اسپتال ۾ مريضن کي مڇي، مرغي جو گوشت ۽ ٻيو ناقص کاڌو کارائڻ جو انڪشاف ٿيو جنهن کان پوءِ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر صحت واري سيڪريٽري منصور عباس رضوي، جناح اسپتال جي ڊرگ انسپيڪٽر ۽ فوڊ انسپيڪٽر کي سيمپل گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ڊرگ اينڊ فوڊ انسپيڪٽر جناح اسپتال جي ڪچن مان ڪڪڙ ۽ مڇي جي گوشت جا نمونا حاصل ڪري ورتا جن جي جديد ليبارٽري ذريعي ٽيسٽ ڪئي ويندي ۽ جلد رپورٽ تيار ڪئي ويندي.
نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي حڪم تي ڪچن مان نمونا وٺڻ بعد جناح اسپتال جي جوائنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ ڪچن جي انچارج ڊاڪٽر سلمان جي ڊوڙ شروع ٿي وئي آهي. جناح اسپتال جي دوري دوران جسٽس (ر) مقبول باقر جي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ته جناح اسپتال جا واش رومز انتهائي گندا هجڻ تي فوري صفائي جا حڪم جاري ڪيا آهن جلد شهر جي ٻين اسپتالن جو به دورو ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.