ايلرجي جي ملاوٽ ٿيل مِس برانڊڊ دوا جي مارڪيٽ ۾ وڪري جو انڪشاف ٿيو آهي، ڊريپ ”پلائيول 25 ايم جي“(Plivil 25mg injection) انجيڪشن جي بيچ 847 کي غير معياري قرار ڏيندي ڪمپني کي انجيڪشن فوري طور تي مارڪيٽ مان واپس کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
ڊريپ موجب ملاوٽ ٿيل پلائيول انجيڪشن ۾ غير لاڳاپيل ذرن جي تصديق ٿي آهي، پلائيول انجيڪشن پلائيوا فارما لسبيلا بلوچستان جي تيار ڪيل آهي.
پلائيول جي سيمپل جي ڊرگ ٽيسٽنگ ليباري ڪوئيٽا ۾ معائنو ڪيو ويو، ليب پلائيول جي بيچ کي ملاوٽ ٿيل ۽ مس برانڊڊ قرار ڏنو آهي.
ڊريپ الرٽ موجب فارما ڪمپني پلائيول انجيڪشن جو متاثر بيچ مارڪيٽ سپلاءِ نه ڪري، ڪمپني کي پلائيول انجيڪشن جو متاثر بيچ مارڪيٽ مان کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ڊريپ چيو آهي ته ڪيمسٽ پلائيول انجيڪشن جي متاثر بيچ جي سيل روڪڻ لاءِ اسٽاڪ چيڪ ڪريو ۽ فارما ڪمپني کي واپس ڪريو، ڊاڪٽرز به مريضن کي پلائيول انجيڪشن جو متاثر بيچ استعمال نه ڪرائين.
ڊريپ موجب ملاوٽ ٿيل انجيڪشن جو استعمال انسان حياتي لاءِ خطرناڪ ٿي سگھي ٿو.
پلائيول 25 ايم جي انجيڪشن ايلرجي جي علاج لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي.
You might also like