روسي ڪمپني دنيا جو سڀ کان مهانگو آءِ فون پيش ڪري ڇڏيو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) قيمتي شيون ٺاهيندڙ روسي ڪمپني ايپل جي آءِ فون 14 ۽ آءِ فون 14 پروميڪس ۾ قيمتي هيرا جَڙي ان جي قيمت آسمان تائين پڄائي ڇڏي. اهڙيءَ طرح اهو دنيا جو سڀ کان مهانگو آءِ فون به ٿي ويو آهي جنهن جي قيمت 562،700 ڊالرز يعني 16 ڪروڙ 75 لک ٻڌائي پئي وڃي.
روسي ڪمپني ”ڪيوويئر“ هن وقت ان مهانگي ترين آءِ فون ماڊل جو اعلان ڪيو آهي پر ان جا وڌيڪ تفصيل ناهن ڏنا ويا. ڪمپني ان کي ”ڊائمنڊ سنوفليڪ“ ڊزائين جو نالو ڏنو آهي. سڀ کان پهريان آءِ فون تي 18 قيراط اڇي سون (وائٽ گولڊ) جي جو تهه چاڙهيو آهي. چوڌاري 570 هيرن کي خوبصورت انداز ۾ سجايو ويو آهي. وچ ۾ هڪ وڏو پيننڊنٽ لڳايو ويو اهي جنهن کي برطانيا جي مشهور جيولر گراف ڊزائين ڪيو آهي. سڄو فون مڪمل طور تي هٿ سان ٺهيل آهي جنهن ان شاهڪار جي قيمت کي بلندين تي پهچائي ڇڏيو آهي.
ڪمپني موجب هو نئين آءِ فون 15 کي وڌيڪ هيرن سان سجائي وڪرو ڪندا ۽ ان جي قيمت اڃا وڌيڪ ٿي سگھي ٿي. ڪيويئر آءِ فون جي هارڊويئر ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي بس رڳو ان جي ظاهري ڪيفيت کي قيمت بڻايو ويو آهي.
ان کان اڳ ڪيويئر ڪمپني آءِ فون سيون کي ٽائرينوفون پيش ڪري چڪي آهي جنهن ۾ ٽي ريڪس ڊائنوسار جا ڏند لڳايا ويا هئا ۽ سون جي ڪيسنگ بڻائي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.