پُرتگال ۾ شراب جي ٻوڏ!

پُرتگال ۾ هڪ ننڍي ڳوٺ ويجهو موجود ڊسٽلري (شراب ٺاهيندڙ ڪارخاني) ۾ حادثي کان پوءِ 20 لک ليٽر کان وڌيڪ شراب رستن تي وهي آيو جنهن ٻوڏ جي صورت اختياري ڪري ورتي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب پُرتگال جي ليويرا ۾ هڪ شراب جي ڪارخاني جي شراب جون ٻه ٽينڪس ڦاٽي پيون جنهن مان 20 لک ليٽرز کان وڌيڪ شراب گهٽين ۾ وهي آيو جنهن بوڏ جي صورت اختيارڪري ورتي.

 

ليويرا ڊسٽلري جي انتظاميا ڪارخاني جي ويجهو هڪ گھر جي تهه خاني ۾ شراب ڀرجي وڃڻ بعد رهواسين کان معافي گھري ۽ ڊسٽلري نقصان جي ذميواري به قبول ڪئي.
ان کان پوءِ مقامي اختيارين ميڊيا کي ٻڌايو ته رضاڪارن شراب کي درياهه تائين پهچڻ کان روڪيو جيڪو ماحولياتي تباهي جو سبب بڻجي سگھي پيو. ڪمپني جو چوڻ هو ته هو 2.2 ملين ليٽر ريڊ وائن وهي وڃڻ بعد ڪمپني جي معاشي نقصان بابت فڪرمند آهن جڏهن ته شراب وهي وڃڻ جي سببن بابت جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.