ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (جي ايس ايم يو) جي وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج عوامي آواز کي وڌيڪ ٻڌايو ته امتحان شفاف انداز ۾ منعقد ڪيا ويا آهن، پر شاگردن جي الزام بعد جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي.
پروفيسر امجد سراج ميمڻ چيو ته 10سيپٽمبر 2023 تي ٿيل ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر ليڪ ٿيڻ جي الزام جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي جنهن جو سيڪريٽري جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو رجسٽرار ڊاڪٽر اعظم خان هوندو.
جڏهن ته جي ايس ايم يو جي طرفان ڊين فيڪلٽي آف ميڊيڪل اينڊ الائيڊ سائنسز پروفيسر سيد مسرور احمد، سنڌ جي صحت کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري مولا بخش شيخ، ڪراچي ۾ پي ايم ڊي سي جي ريجنل آفيس جي ميمبر عليم الدين ۽ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم جي ڊائريڪٽر پاران ھڪ نامزد ميمبر جيڪو 17هين گريڊ کان گهٽ نه ھوندو جيڪي ڪميٽي جا ميمبر هوندا.
ڪميٽي پنهنجي قيام کانپوءِ پهريون اجلاس منعقد ڪندي ۽ هڪ هفتي اندر اعليٰ اختيارين کي رپورٽ پيش ڪندي.
وائيس چانسلر وڌيڪ ٻڌايو ته امتحان شفاف انداز ۾ منعقد ڪيا ويا آهن، پر شاگردن جي الزام بعد اها ڪميٽي قائم ڪئي وئي ته جيئن شفاف جاچ ٿئي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن پيپر ليڪ ٿيڻ وارو الزام صحيح ثابت ٿيو ته ته 40 هزار کان مٿي اميدوارن کان ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان ٻيهر ورتو ويندو.