ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ڀارت خلاف بدترين شڪست تي ناٺي شاهين آفريدي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
سومر ڏينهن ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ ريزرو ڊي تي ڀارت پاڪستان کي 228 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏني هئي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام شاهد آفريدي ڀارت هٿان شڪست تي تبصرو ڪندي پاڪستاني بالر جي غلطين جي نشاندهي ڪئي.
اڳوڻي ڪپتان رويتي مخالف ڀارت خلاف شاهين جي بالنگ تي ڳالهائيندي چيو ته شاهين کي پنهنجي بالنگ لائين ۽ لينٿ تي مستقل مزاج ٿيڻو پوندو.
هن چيو ته جيڪڏهن شروعاتي اوورن ۾ وڪيٽون نٿيون ملن ڪاوڙ نه ڪجي.
شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته پِچ سٺي هئي پر اوهان بالنگ سٺي نه ڪئي، اوهان کي بالنگ سٺي جاءِ تي ڪرڻ گهرجي ها.
اڳوڻي ڪپتان نسيم شاهه جي بالنگ کي ساراهيندي چيو ته شاهين نسيم جي لينٿ تي بالنگ ڇو نه ڪئي؟،ميچ ويهه کان پنجويهه اوورن کانپوءِ کي ڀارت کٽي چڪو هو.