شاهه رخ خان جي فلم ”جوان“ پنجن ڏينهن ۾ رڪارڊ بزنس ڪري ورتو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ تي شاهه رخ خان جي ميگا ٿرلر ”جوان“ جي حڪمراني جاري آهي ۽ هاڻ فلم رڳو پنجن ڏينهن ۾ 550 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.

”جوان“ سڄي دنيا مان 129 ڪروڙ بزنس سان گڏ هندي سينيما جي سڀ کان وڏي اوپننگ حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ به قائم ڪيو آهي.

واضح رهي ته بلاڪ بسٽر ”غدر 2“ کي 300 ڪروڙ جي بزنس تائين پهچائڻ لاءِ ست ڏينهن جڏهن ته ”پٺان“ کي 6 ڏينهن لڳا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.