باليووڊ کي مختلف هٽ فلمون ڏيڻ، دريادلي ۽ ماڻهن جي مدد ڪرڻ کانسواءِ سلمان خان جي محبت ۽ شادي نه ڪرڻ وارو عمل به سوشل ميڊيا اڪثر وائرل ٿيندو رهندو آهي. سلمان خان کان سدائين شادي ڪڏهن ڪندئو جو سوال پڇيو ويندو آهي جنهن تي اڪثر ڪري دبنگ خان مسڪرائڻ کانپوءِ خاموش ٿي موضوع ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
سلمان خان جون مختلف ناليوارين اداڪارائن سان رليشن ۾ رهڻ جون خبرون به سوشل ميڊيا تي اينديون رهنديون آهن، جن مان اهو ئي محسوس ٿيندو آهي ته سلمان خان جلد شادي ڪرڻ وارو آهي پر حقيقت ۾ ائين ناهي هوندو.