اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سنڌ ۾ جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ سان اتحاد ٿي سگهي ٿو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته چونڊن کان نه پيا ڀڄون، 90 ڏينهن ۾ چونڊن لاءِ تيار آهيون.
هن چيو ته صدر کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو آئيني اختيار ناهي، جيڪڏهن هن چونڊن جي تاريخ ڏني ته اها بدنيتي هوندي.
فضل الرحمان، پرويز خٽڪ ۽ محمود خان تي اعتبار ڪرڻ کان انڪار ڪندي انهن سان چونڊ اتحاد جو امڪان رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته سنڌ ۾ جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ سان اتحاد ٿي سگهي ٿو، انهن سان رابطا جاري آهن پ پ سان نه.
Next Post
You might also like