ڀارت ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو، پاڪستان ۽ سريلنڪا جو فيصلو خميس تي ٿيندو

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ ڀارت جي ٽيم سريلنڪا کي 41 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪولمبو جي آر پراماداسا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڀارتي ٽيم 213 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڀارت طرفان ڪپتان روهت شرما 53، ڪي ايل راهول 39، ايشان ڪشن 33، اڪشر پٽيل 26، شڀمن گل 19 رنسون ٺاهيون.
سريلنڪا طرفان دونٿ ولالاگي بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته چارٿ اسالانڪا 4 شڪار ڪيا.
جواب ۾ سريلنڪن ٽيم 41.3 اوورن ۾ 172 رنسن تي ڍير ٿي وئي، دونٿ ولالاگي 42 ۽ ڌنانجيا ڊي سلوا 41 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
ڀارت طرفان ڪلديپ يادو 4، جديجا ۽ بمرا 2-2، جڏهن ته محمد سراج ۽ هارديڪ پانڊيا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.