ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين سنڌ جي دوري تي نڪتل آهي ۽ عوام کي مهانگائي، غربت ۽ تڪليفون ياد ڏياريندي اهو چئي رهيو آهي پيپلزپارٽي کي موقعو ڏيو، اوهان جون سڀ تڪليفون ختم ڪري ڇڏينداسين.
پي ٽي آءِ خلاف بيان ڏيڻ کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي توپن جو رخ نون ليگ ڏانهن ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هن نالو وٺڻ کانسواءِ اسٽيبلشمينٽ کي به ڍڪيل لفظن ۾ تنقيد جو نشانو بڻايو.
بلاول ڀٽو مسلم ليگ نون جي اليڪشن مان ڀڃڻ تي تنقيد ڪري پي ٽي آءِ جي نوي ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻ واري مطالبي کي ورجايو آهي.
ٻئي پاسي هو ڪٺ پتليون ٺاهيندڙن کي پيغام ڏئي ٿو ته هو پاڪستان جي عوام تي تجربا ڪرڻ بند ڪن ۽ ماڻهن کي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ ڏين.
بلاول ڀٽو زرداري جي لهجي ۾ اهو اعتماد آهي ته هو ظاهري طور تي ان معاملي تي پنهنجي والد آصف زرداري جي راءِ مڃڻ لاءِ به تيار ناهي.
لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ويڇا گهٽجڻ شروع ٿي ويا آهن.
Prev Post
You might also like