ڪپل شرما کي صبا قمر جي ڪهڙي ڳالهه وڻي وئي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور ڪاميڊين ڪپل شرما طرفان پاڪستاني اداڪارا صبا قمر جي هڪ ٻي مشهور وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي.
ڪپر شرما انسٽاگرام اسٽوري تي اداڪارا جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو هڪ موضوع تي ڳالهائي رهي آهي.
ڀارتي ڪاميڊين شيئر ڪيل ان وڊيو جي ڪيپشن ۾ تاڙيون وڄائڻ جو ايموجي لڳائيندي لکيو ته ”اهو 100 سيڪڙو سچ آهي“.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Galaxy Lollywood (@galaxylollywood)

تازو ئي پاڪستاني اداڪارا صبا قمر خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي هئي، جتي هن پنهنجي پيشيوراڻي ۽ ذاتي زندگي جي ڪجه رخن تي روشني وڌي.
انهيءَ شو دوران صبا قمر ٻڌايو ته خوش رهندڙ سدائين ٻين کي خوشي ڏيندو آهي جڏهن ته ناراض شخص ٻين کان ناراض ئي رهندو آهي.
اداڪارا جي ان تبصري جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي هئي، سندس چاهيندڙن اداڪارا جي ان تبصري تي کيس ساراهيون آهي.
ڪپل شرما طرفان ان وڊيو کي شيئر ڪرڻ تي به مداحن طرفان تعريفي تبصرا ڪيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.