ڊپلوپيا (Diplopia) هڪ طبي اصطلاح آهي جنهن جو مطلب ”ٻٽو نظر اچڻ“ يا ٻه شيون نظر اچڻ آهي. جيڪڏهن اوهان ڪنهن شيءِ کي ڏسي رهيا آهيو ۽ اوهان هڪ ئي وقت ان شيءِ جون ٻه تصويرون نظر اچي رهيون آهن ته اها نظر جي خرابي ”ڊپلوپيا“ چورائيندي آهي.
ٻٽو نظر اچڻ عام طور تي هڪ عارضي مسئلو هوندو آهي پر اهو ڪنهن سنگين نوعيت جي بيماري جي علامت به ٿي سگھي ٿو.
جيڪڏهن اوهان عينڪ پهريندا آهيو ۽ اوهان کي شيون ٻه، ٻه نظر اچي رهيون آهن ته ممڪن آهي ته عينڪ جي تبديلي سان ئي اهو مسئلو حل ٿي ويندو پوءِ به اهو گھڻو اهم آهي جيڪڏهن اوهان کي ٻٽيون شيون نظر اچي رهيون آهن ته فوري طور تي پنهنجي ڊاڪٽر سان ان بابت مشورو ڪريو.
ٻٽو نظر اچڻ جا مختلف قسم
اوهان جو ڊاڪٽر معائني کان پوءِ اوهان کي ٻڌائي سگھندو ته اوهان جي ٻٽي نظر اچڻ جو مسئلو Monocular آهي يعني هڪ اک جو آهي يا Binocular يعني ٻنهي اکين ۾ اهو مسئلو آهي. مونوڪولر ڊپلوپيا ان وقت ٿيندو آهي جڏهن اوهان هڪ ئي اک استعمال ڪندا آهيو. بائنو ڪولر ڊپلوپيا ۾ هڪ ئي وقت ٻئي اکيون کولي ڏسڻ جي ڪوشس ڪئي ويندي آهي ۽ هڪ اک جيڪڏهن لِڪائي وڃي ته ٻٽو نظر اچڻ بند ٿي ويندو آهي.
مونوڪولر ڊپلوپيا گھڻو عام آهي ۽ عام طور تي ان کي سنگين سمجهيو ويندو آهي. بائنوڪولر ڊپلوپيا عام طور تي ان وقت ٿيندو آهي جڏهن اکيون برابر يا هڪ سڌائي ۾ ناهن هونديون يا ڪا لِڪيل سنگين بيماري ان جو سبب ٿي سگھي ٿي. بائنو ڪولر ڊپلوپيا ۾ شيون مٿان کان هيٺ نظر اينديون آهن يا وري متوازن يعني گڏوگڏ به ڏسي سگھجن ٿيون.
ان جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته ڪهڙي سبب جي ڪري ڊپلوپيا جي شڪايت پيدا ٿي آهي ۽ مريض جون اکيون ڇو ۽ ڪيئن هڪ سڌائي ۾ ناهن.
ڪير متاثر ٿيندو آهي؟
ٻٽو نظر اچڻ مان ڪو به متاثر ٿي سگھي ٿو پر اهو گھڻو ڪري 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي بالغ ماڻهن کي متاثر ڪندو آهي. شيون ٻه ٻه ڏسڻ گھڻو عام آهي. ڊپلوپيا جي ڪري هر سال رڳو آمريڪا ۾ 8 لک مريض ڊاڪٽرن سان رابطو ڪندا آهن.
اسپتالن جي ايمرجنسي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ مريض به انهيءَ شڪايت سبب داخل ٿيندا آهن. هر سال تقريبن 50 هزار ماڻهو ٻٽو نظر اچڻ سبب ايمرجنسي روم جو رخ ڪندا آهن.
ٻٽي نظر پريشان ڪندڙ ڪيفيت هوندي آهي پر ان حوالي سان سٺي خبر اها آهي ته 90 سيڪڙو ڪيسز ۾ ٻٽي نظر جي خرابي عارضي نوعيت جي هوندي آهي ۽ گڏيل صحت تي ڪو به خراب اثر ناهي پوندو پر ڊپلوپيا سان ڪنهن شيءِ کي گھرائي سان ڏسڻ يعني اها شيءِ ڪيتري ڊگھي، ويڪري ۽ گھري آهي جي صلاحيت متاثر ٿيندي آهي جنهن جي ڪري ڊرائيونگ ڪرڻ ۽ پنڌ گھمڻ ڏکيو ٿي سگھي ٿو.
علامتون ۽ سبب
ٻه ٻه شيون ڏسڻ کانسواءِ ڊپلوپيا جي ٻن علامتن ۾ مٿي جو سور، دل ڪچي ٿيڻ (پيٽ ۾ ڳڙ ٻڙ، بيمار محسوس ڪرڻ)، چڪر اچڻ، اکين کي حرڪت ڏيندي سور محسوس ڪرڻ، هڪ يا ٻنهي اکين سان ڌنڌلو يا غير واضح شيون ڏسڻ شامل آهي.
ڊپلوپيا ڇو ٿيندو آهي؟
ڊپلوپيا جا ڪيترائي امڪاني سبب ٿي سگھن ٿا. سڀ کان عام سبب هيٺ بيان ڪجن ٿا. هڪ اک جي ڊپلوپيا ۾ ”موتيا“قرنيا يا اک ۾ ڪو نقص (Astigmatism)، اک خشڪ رهڻ جو عارضو، نامناسب نمبر جي عينڪ يا ڪانٽيڪٽ لينس استعمال ڪرڻ، اک ۾ قرنيا جي پٺيان گول رنگيلي جهلي (Iris) ۾ نقص.
ٻنهي اکين جي ڊپلوپيا ۾ ٻنهي اکين جو هڪ سڌائي ۾ نه هجڻ، کوپڙي جي عضون جا مسئلا (Cranial Nerve Issues)، دماغ جي اندر شريانين جو سُڄي وڃڻ ۽ ان ۾ رت ڀرجي وڃڻ (Brain Aneurysm)، ۽ فالج انهن سببن ۾ شامل آهن.
ڊپلوپيا کان ڪيئن بچجي؟
ٻٽو نظر اچڻ جي مسئلي کان بچڻ جو ڪو خاص طريقو جيتوڻيڪ موجود ناهي پر اکين جي سٺي طرح سار سنڀال ۽ باقاعدگي سان ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ ان لاءِ بهتر آهي ته جيڪڏهن ڪو مسئلو جنم وٺي رهيو اهي ته وقت گذرڻ کان اڳ ئي پڪڙ ۾ اچي وڃي ۽ ان جو علاج شروع ڪيو وڃي. پر اکين کي صحتمند رکڻ لاءِ ضروري آهي ته:
اوهان سگريٽ نه ڇڪيو.
جيڪڏهن ڪمپيوٽر، موبائل فون يا ٽي وي اسڪرين ڏسي رهيا آهيو ته ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا وقفو ڪري اکين کي آرام ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪريو.
ڪم دوران يا راند يا ٻين سرگرمين ۾ حصو وٺندي وقت حفاظتي عينڪ جو استعملا ڪريو.
اکيون صحتمند هجن تڏهن به هر هڪ ٻن سالن تي اکين جي ڊاڪٽر کان معائنو ضرور ڪرايو.
Prev Post
You might also like