بابراعظم رضوان کي چماٽ وهائي ڪڍي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان کي چماٽ هڻي ڇڏي.

هوڏانهن بادشاهه بابر نرم مزاج آهي، هو هميشه سڀني رانديگرن کي وڏي ڀاءُ وانگر سمجهائيندو ۽ آهي، پر هن وقت سندس هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ کيس چماٽ وهائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

ٿيو ائين جو پاڪستاني ٽيم گرائونڊ ۾ مشق ۾ مصروف هئي پر جسم کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ ڪرڪيٽ نه پر والي بال کيڏيو پيو وڃي.

ان دوران قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جون ٻه ٽيمون ٺاهيون ويون، محمد رضوان به بابر جي ٽيم جو حصو هو.

پر اُهي چڱيءَ طرح کيڏي نه سگهيا، تڏهن بابر راند ڪندي رضوان کي نرميءَ سان چماٽ هنئي ۽ کيس ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.

اهو انهن جو مذاق جو طريقو هو ۽ اصل ۾ انهن ٻنهي دوستن ۽ ڪرڪيٽرن جي وچ ۾ ڪا به ويڙهه ناهي.

هاڻي اهو منظر ڏسڻ کان پوءِ ڪجهه ماڻهو چون پيا ته هي ٻئي ڪيمرا جي سامهون ڪيئن نرم ۽ ڪيمرا جي پويان شرارتي ٻار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.